سنڌ

اڳڙا ڀرسان پورهيت دماغي بيماري ۾ مبتلا، واهر جي اپيل

اڳڙا لڳ ٽالپرن جي ڳوٺ ۾ شيخ محلي جو رھواسي پورهيت اصغر علي شيخ دماغي بيماري سبب بستري حوالي ٿي پيو. ان حوالي سان گمس جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اصغر علي شيخ کي دماغي بيماري آهي، جنهن سبب هن جا عضوا آهستي آهستي سڪي ويندا، جڏهن ته هينئر هڪ ٻانهن ۽ ڄنگهه به خراب ٿي وئي آهي، هن کي جهٽڪن به متاثر ڪيو آهي، جنهن کي ڪراچي اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي. ٻئي طرف پورهيت جي ما لڙڪ لاڙيندي چيو ته پٽ گهر جو آخري سهارو آهي، بيماري سبب ٻارڙا فاقاڪشي تي مجبور آهن، هر هفتي چار کان پنج هزار جون دوائون اينديون آهن، پر هاڻي گهر ۾ کائڻ لا به ڪجهه ناهن. هن اختيارين کان نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي پٽ جي علاج جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button