سنڌ

سڪرنڊ ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ خلاف بک هڙتال، ڌرڻو

تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن، عملي ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽن ڏينهن واري احتجاجي ڪيمپ جي ٻئي ڏينهن به تعلقه اسپتال جي گيٽ آڏو علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي عبدالقادر جيلاني، گل انقلابي ۽ ايوب کوسو ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيتري وقت کان تعلقه اسپتال سڪرنڊ مسئلن جي ور چڙھيل آهي، دوائن سميت ڪابه سهولت نه هجڻ سبب هتي جو عوام پريشان آهي، جڏھن ته سڪرنڊ قومي شاهراهھ تي هئڻ ڪري روڊ حادثا ٿين ٿا، جن جي زخمين کي تعلقه اسپتال آندو وڃي ٿو پر علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري اڪثر زخمي زندگي جي بازي هارائي ويهن ٿا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته سڪرنڊ تعلقه اسپتال مان ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button