سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ کنڊ ذخيرو ڪندڙن تي ڇاپا

لاڙڪاڻي ۾ حڪومت جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو عملي سان گڏجي کنڊ جو اگهه چيڪ ڪرڻ لاءِ جيلس بازار، اناج منڊي ۽ ٻين مارڪيٽن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي هدايتن تي کنڊ وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪرڻ سميت کنڊ جو ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ جيلس بازار ۽ اناج منڊي جو دورو ڪري دڪاندارن کان اگهه معلوم ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪو واپاري يا دڪاندار عوام کي کنڊ وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪندو يا کنڊ جو ذخيرو ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button