سنڌ

لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمي پيرسن فوت، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي 5 ٻارڙن جو پورهيت پيءُ فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. خبر موجب گذريل آچر تي ميرو خان ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب زخمي ٿيل ڳوٺ رحيم داد گوپانگ واسي 50 ورهين جو پيرسن پورهيت غازي گوپانگ کي وارثن چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ مولابخش گوپانگ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته حادثي ۾ ڀاءُ غازي خان گوپانگ کي دماغ ۾ ڌڪ لڳا جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي پر کيس ٻن ڏينهن کان بهتر علاج نه مليو ۽ نه ئي کيس آڪسيجن لڳائي وئي، جنهن ڪري ڀاءُ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button