سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ يوسي ملازمن ۽ صفائي عملي جو احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ۾ ايف بي آر عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف سنڌ سيڪريٽري يونين ايمپلائيز جي سڏ تي شهر جي 20 يونين ڪاميٽين جي ملازمن ۽ صفائي عملي جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي طالب حسين آريجو، عبدالستار مگسي، صدام حسين ڪرماڻي، محمد شفا آريجو، آصف علي چانڊيو، خورشيد ڪوريجو، اقبال سومرو، فهيم قريشي، آصف سومرو، غلام مصطفيٰ جتوئي، حمير گاد، عرفان شيخ، زاهد چهواڻ، پيربخش چانڊيو، يونس کوکر، حبيب موريو، اياز ابڙو، طارق ڀٽو، سچل گاد ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته رشوت نه ڏيڻ تان انڪم ٽئڪس جي اسسٽنٽ ڪمشنر اظهر تونيو ۽ انسپيڪٽر پرويز عباسي لاڙڪاڻي جون 10 يوسيز جي اڪائونٽن مان 94 لک ۽ تعلقي رتيديري جي 6 يوسيز جي اڪائونٽ مان 66 لک ڪڍرائي ڇڏيا آهن، هاڻي پگهارون نه ٿيڻ سبب ملازم سخت پريشان آهن، جن ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته شهر جو گندو ڪچرو انڪم ٽئڪس آفيس اڳيان اڇلائي پوري ضلعي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button