سنڌ

ناظم جو موبائيل اڃا گم،ڄام هائوس ۾ لڳل ڪئميرائن جو ڊي وي آر هٿ

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس جي حوالي سان پوليس عملدارن ڄام هائوس ۾ لڳل ڪئميرائن جو گم ڪيل ڊي وي آر قيمتي ثبوت طور هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس عملدار مطابق ناظم جوکيو قتل کانپوءِ ڊي وي آر ٿڏي تي غائب ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاپا کان پوءِ هٿ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي وي آر سان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي. هٿ آيل ڊي وي آر کي فرانزڪ لاءِ اماڻيو ويو آهي. ڪيس ۾ جاچ عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي موبائيل ڊيٽا جي مدد سان به جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ڄام ڳوٺ ۾ افصل جوکيو، نياز سالار، ڄام عبدالڪريم جي موبائيل فون جي لوڪيشن به آئي آهي. جاچ عملدارن ٻڌايو ته ڪيس ۾ مقتول ناظم جوکيو جي آئيڊيو ۽ وڊيو کي مرڪزي ثبوتن طور استعمال ڪيو ويندو. ٽيم مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو سان گڏ واقعي واري هنڌ جو به دورو ڪيو آهي. جاچ عملدارن جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جي قتل جي ستن ڏينهن کان پوءِ به مقتول جو موبائيل فون غائب آهي. جڏهن ته ناظم جوکيو جو لاش جو اطلاع 3 نومبر 2 وڳي 15 مددگار تي شهري ڏنو هو. جاچ آفيسر ڪيس ۾ اغوا جي قلمن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ وڌيڪ 11 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عدالت جي جاچ آفيسر کي معاملي ۾ دهشتگردي جي پاسن جو به جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت چيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس جي هر پاسي کان جاچ ڪئي وڃي ۽ جاچ آفيسر ايندڙ شنوائي تي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button