سنڌ

ٍشهيد فهميده سيال جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي موٽائي ڇڏيو

قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ 6 ڏينهن اڳ پلاٽ جي مالڪي تان ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد شهيد اسراڻ ۽ ٻين هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل فهميده سيال جي واقعي جو راڄوڻي نبيرو ڪرائڻ لاءِ مختلف برادرين جي نيڪ مردن ۽ سيدن جو قافلو سيد عتيق شاهه،سيد مجاهد شاهه ۽ فاروق جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ فهميده سيال جي وارثن وٽ پهتو. مقتولا فهميده سيال جي وارثن راڄوڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ميڙ منٿ قافلي کي واپس موڪلي ڇڏيو. قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار شهيد اسراڻ جي گرفتاري جيستائين نه ٿيندي اوستائين اسان ڪنهن به ميڙ کي نه مڃينداسين. مقتولا فهميده سيال جي مڙس غلام سرور سيال جو چوڻ آهي ته اسان بااثر جوابدار سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، جوابدار کي قانون موجب سزا ضرور ڏيارينداسين، جنهن بعد ميڙ منٿ قافلو مايوس ٿي واپس موٽي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button