سنڌ

ناظم قتل ڪيس ۾ ايم اين اي ڄام ڪريم نامزد

ڪراچي(بيورو رپورٽ/م ڊ)شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پوليس پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به جوابدارن ۾ نامزد ڪري ورتو آهي. ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم وڌيڪ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته رزاق، معراج ۽ جمال واحد کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ پڇا ڳاڇا لاءِ ٽنهي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ اغوا جو قلم 365 شامل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڄام ڪريم سميت 15 کان وڌيڪ جوابدار اڃا تائين مفرور آهن، گرفتار ڄام اويس سميت 3 جوابدار پوليس رمانڊ تي آهن ۽ واقعي جو ڪيس قتل جي قلمن تحت داخل آهي. ٻئي طرف شهيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو چيو آهي ته ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو ناظم کي گهرايو ۽ کيس بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. هڪ خانگي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ شيرين جوکيو چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن ڏير افضل منهنجي مڙس کي ٻڌايو هو ته ڄام عبدالڪريم بار بار فون ڪري چوي ٿو ته ناظم کي پيش ڪريو. ناظم جو وڏيرن ڏانهن وڃڻ جو ڪو به ارادو نه هو ۽ هن چيو ته اسان ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄون، هر ڪو پنهنجي گهران کائي ٿو. شيرين چيو ته منهنجي مڙس کي پنهنجن مائٽن وڏيرن ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو. ايم اين اي ڳالهيون ڪرڻ جي نالي تي دوکو ڪري ناظم کي پاڻ وٽ گهرايو. منهنجو ڏير هن کي احترام مان بابا چوندو هو پر هن ان احترام جو خيال به نه ڪيو ۽ منهنجي جاني کي ماري ڇڏيو. شيرين جوکيو چيو ته وزيراعظم عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي پئسا نه کپن، منهنجي جاني جي قاتلن خلاف ڪارروائي ڪيو ۽ مون کي انصاف ڏياريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button