
ميرواھه گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي سرڪاري اسپتال جو محتسب اعلى جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي راجپوت، اسسٽنٽ رجسٽرار سجاد احمد پاران اوچتو دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي ذوالفقار علي راجپوت ۽ سجاد احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رورل ھيلٿ سينٽر جو معائنو ڪيو آهي، اسپتال ۾ دوائن کان ويندي عملي جي کوٽ نظر اچي رهي آهي، صفائي سٿرائي جو به مسئلو آهي، ايم ايس ڊاڪٽر شريف راٺوڙ ۽ اسسٽنٽ ايم ايس ڊاڪٽر علي گوهر ڪلھوڙو اسپتال بابت سڀ مسئلا لکت ۾ ڏنا آهن، اسان ميرپورخاص جي محتسب اعلى اعجاز علي جي حڪم تي دورو ڪيو آهي، سرڪاري اسپتال ۾ ڪافي ڪوتاهيون نظر اچن پيون. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر شريف راٺوڙ ۽ اسسٽنٽ ايم ايس ڊاڪٽر علي گوهر ڪلھوڙ چيوي ته اسان وٽ صحيح نموني اسٽاف ناهي، دوائن جي کوٽ آهي، آڪسيجن به ناهي، جنهن سبب مريض پريشان ٿين ٿا.