سنڌ

ڪجهه ڌنڌوڙي ماڻهن جعلي آءِ ڊيز ۽ اڪائونٽ ٺاهيا آهن:شيرين

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو چيو آهي ته ڪجهه ڌنڌوڙي ماڻهو منهنجي نالي تي جعلي آءِ ڊيز ۽ اڪائونٽ ٺاهي پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن ۽ مون کي بدنام ڪري رهيا آهن. هڪ خانگي چئنل کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ شيرين جوکيو ماڻهن پاران فون ڪالز ڪري تنگ ڪرڻ جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو. هن چيو ته مان صدمي واري حالت ۾ هيس ۽ ان وقت غلطي سان هڪ وڊيو ريڪارڊ ڪرايو ويو. مون کي خبر نه هئي ته ڇا پئي چوان، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهو منهنجي نالي تي مختلف اڪائونٽس ۽ آءِ ڊيز ٺاهي پئسا گڏ ڪري رهيا آهن. مون کي سوشل ميڊيا تي اهو چئي بدنام ڪيو پيو وڃي ته مان پنڻ شروع ڪيو آهي. هن روئيندي چيو ته مان هٿ ٻڌي سڀني کي چوان ٿي ته مان وڏي تڪليف ۾ آهيان ۽ مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو. مون کي فون ڪالز ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه وري مون کي پئسا گهرجن ٿا. مون کي رڳو انصاف کپي. شيرين جوکيو چيو ته مان پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پالينديس پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگينديس. منهنجو ڏير افضل جوکيو، مائٽ ۽ سنڌ مون سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button