سنڌ

خاڻوٺ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن جو ڊاڪٽرياڻي خلاف مظاهرو

پي پي ايڇ آ خاڻوٺ جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت خلاف ايس يو پي ڪارڪنن انڊس ھا وي کان پي پي ايڇ آ اسپتال خاڻوٺ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرشيد کوسو، مختيار لاشاري، حقنواز مڱڻھار، غلام لاشاري، طالب مدد سولنگي ۽ واجد پنھور چيو ته ھڪ ھفتو اڳ ڊاڪٽر قزبانو جي غفلت جي ڪري پورھيت مختيار لاشاري جي گھر واري جي 8 مھينن جي ٻن ٻارڙن جي وقت کان اڳ ۾ زبردستي ڊليوري ڪرائي، جنھن کان پو ٻارڙن جي حالت نازڪ ھجڻ جي ڪري لمس اسپتال ڄامشورو موڪليو، جتي ٻئي ٻارڙا فوت ٿي ويا، عورت جي حالت نازڪ آھي، ڌرڻي دوران پي پي ايڇ آ خاڻوٺ جي ڊاڪٽر عبدالحفيظ ڀٽي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ معاملي جي جاچ ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، جنھن کان پو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button