پاڪستانسنڌ

اڇڙي ٿر ۾ عربن جي شڪار لا ڪئمپ قائم

کپرو: تلور پکي جي شڪار لاءِ کپرو جي اڇڙي ٿر جي علائقي تڙ راڻاهو ويجهو ابوظهبي جي عرب شھزادن سلطان بن محمد، عارف سلطان ۽ شيخ احمد بن صالح جي ڪٽنب جي 10 فردن جي رهائش لاءِ ڪنٽينر بيهاري خيما هڻي مقامي بااثر ماڻھن پاران ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب ڊسمبر مهيني جي آخري 10 ڏينهن ۾ عرب شھزادا اڳ جيان پنهنجي نجي جهاز ذريعي نوابشاھه ايئرپورٽ تي لهندا ۽ گاڏين ۾ اڇڙي ٿر پهچندا، جتي هو 10 ڏينهن تائين سائيبريا ۽ روس کان پهتل مهمان پکين سميت تلور جو شڪار ڪندا، ڪئمپ جا انتظام نوابشاھه جي هڪ پٺاڻ حوالي ڪيا ويا آھن، جڏهن ته شڪار کاتي جا عملدار ۽ پوليس اهلڪار پڻ عرب شھزادن سان گڏ هوندا، ان کانسوا گاڏين جا ڊرائيور مقامي 2 ڀائر، باورچي، توبچي، ڌوٻي ۽ گيرج مستري سميت 65 مقامي ملازم عرب شھزادن جي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا. واضح رهي ته گذريل سال شھزادن 10 ڏينهن جي شڪار دوران 30 بازن جي مدد سان 65 تلور پکين جو شڪار ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button