پاڪستانسنڌ

جهڏو ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال خلاف آبادگارن جي ريلي، ڌرڻو

جهڏو: جهڏو ۾ جمڙائو ڪئنال جي مين ٽيل بگي مائينر جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي آبادگار اڳواڻ جليل انڙ، اياز کوسو، اياز رضوي، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، اسماعيل مغيري ۽ جاني ڪبوه جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن بئنر ۽ شيٽون کڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال خلاف ريلي ڪڍي شھر جي مختلف روڊن جو گشت ڪري نيشنل بئنڪ چوڪ وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايف او چيئرمين جليل انڙ، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ڪرپٽ آهي، جنهن ڪڻڪ جي پوکي جي سيزن ۾ بناجواز پڇڙين جو پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو آهي، سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي، ڪا کوٽ ناهي، صرف منڊ جي بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بگي مائينر جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سب هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جون تيار ٿيل ٻنيون بيابان ٿي ويون آهن، پوکيل فصل ڪڻڪ، سرنهن، ٽماٽا ۽ بصر سڪي ختم ٿي ويا آهن، آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن، آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي برطرف ڪري بگي مائينر جو پاڻي بحال ڪيو وڃي. هنن اعلان ڪيو ته 13 نومبر ڇنڇر ڏينهن مٺي ميرپورخاص روڊ تي مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جهڏو توڙي نئوڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button