سنڌ

نوشهروفيروز ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن جي هڙتال، ريلي

ٽائون ڪميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٽائون ڪاميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي ۾ ملازم مطالبن جي حق ۾ نعرا ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن ڪشن راجا، مولابخش شيخ، عمران علي راڄپر، سليم لنڊ، جاويد شيخ ، محبوب شيخ ۽ ٻين چيو ته 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ملازمن کي پگهارون ناهن ڏنيون ويون، جنهن ڪري گهرن ۾ فاقاڪشي آهي. ٻئي پاسي ٽائون ملازمن جي هڙتال سبب مختلف پاڙن ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button