سنڌ

سنڌ حڪومت ناظم جوکيو ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي:آر ايس ايف

پئرس :صحافتي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ بين الاقوامي تنظيمن رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز پاران شهيد ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ان جي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ ڪرائي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ويجهو عرب شڪارين پاران غيرقانوني شڪار ڪيو پئي ويو، جنهن جي ناظم جوکيو وڊيو ريڪارڊ ڪئي، جنهن تان کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ٻي وڊيو ۾ ناظم جوکيو اهو ٻڌائيندي نظر آيو ته کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر هو ڪنهن کان ڊڄڻ وارو نه آهي ۽ هو ڪنهن کان به معافي نه وٺندو. پڌرائي موجب ٻي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکڻ بعد ناظم جوکيو جو تشدد ٿيل لاش مليو. ناظم جوکيو پنهنجي پهرين ريڪارڊ ڪيل وڊيو ذريعي علائقي ۾ ناياب نسل جي تلور پکين جي غيرقانوني شڪار جي نشاندهي ڪرڻ پئي گهري. غيرقانوني شڪار ڪندڙ پرڏيهي مقامي ايم پي اي ڄام اويس گهرام جا مهمان هئا. ناظم جوکيو جڏهن ڌمڪين باوجود ريڪارڊ ڪيل وڊيو نه هٽائي ته ايم پي اي پاران کيس ڳالهين جي نالي تي 2 نومبر تي ڄام هائوس گهرايو ويو، جنهن کانپوءِ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. آر ايس ايف جي ايشيا پئسفڪ ڊيسڪ جي سربراهه ڊينيل بسٽارڊ جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جو قتل ان ڪري به صدمي ۾ مبتلا ڪندڙ آهي ته ان ۾ هڪ پارليامينٽيرين جي ملوث هئڻ جو معاملو سامهون آيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو هن قتل جي آزاداڻي جاچ جو حڪم ڏئي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button