سنڌ

نوشهروفيروز ۾ پلاٽ تي قبضي خلاف عورت جو معذور پٽ سميت احتجاج

خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ سيد احمد شاهه جي رهواسڻ بيبي سڪينا پنهنجي معذور پٽ رياض حسين شاهه سان گڏجي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته سندس گهر جي پلاٽ ۽ زمين تي ذوالفقار علي، علي رضا، سجاد علي شاهه ۽ ٻين قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ روزانو اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اهڙي دانهن خانواهڻ پوليس کي ڏني آهي، پر پوليس جوابدار ڌر خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته اسان جي گهر جي پلاٽ ۽ زمين مٿان ٿيل قبضو خالي ڪرائي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button