سنڌ

ميرو خان ۾ ٽائون ملازمن جو وڌايل پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

ميرو خان ۾ ٽائون آفيس ملازمن 20 سيڪڙو وڌايل پگهار نه ملڻ خلاف ميرحسن سومرو، اڪرم ابڙو، جاويد ايري، اسدالله تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس ميرو خان اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٽائون ملازمن دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران گذريل سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي 20 سيڪڙو وڌايل پگهار ٽائون ملازمن کي هن وقت تائين ناهي ڏني وئي. هنن چيو ته هاڻي ماهوار بجيٽ ۾ 8 لک جو اضافو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر واڌو پگهار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ملازمن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار پاران بجيٽ ۾ وڌايل 20 سيڪڙو اضافي پگهار ڏئي ٽائون ملازمن جون نومبر مهيني جون پگهارون ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button