سنڌ

ميرو خان جسقم ۽ جساف جو اي سي خلاف احتجاج

ميرو خان ۾ جسقم ۽ جساف پاران اي سي نهيد علي ميراڻي پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل امدادي سامان ۾ خرد برد ڪرڻ خلاف صوبدار جتوئي ،حسن جتوئي ،علي رضا لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيدي چيو ته اي سي نهيد ميراڻي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل امدادي سامان سفارش تي ۽ من پسند ماڻهن سرندي وارن ماڻهن کي ڏنو آهي جڏهن ته حقيقي متاثر هن وقت به ٿڌ ۾ دربدر آهن. هنن چيف جسٽس، سيشن جج شهدادڪوٽ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته احتجاج جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي اي سي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button