سنڌ

ناظم جوکيو سان لو ميريج ڪئي،هو خوش مزاح انسان هو:شيرين

ڪراچي:شهيد ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو چيو آهي ته ناظم جوکيو هڪ دلير، انسانن سان پيار ڪندڙ، نياڻين جو خيال رکندڙ ۽ کل ڀوڳ ڪندڙ انسان هو. هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شيرين جوکيو چيو آهي ته ناظم جوکيو هن سان لو ميريج ڪئي. ناظم جوکيو نياڻين جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ جڏهن پهريون ڀيرو پٽ ڄائو ته کيس يقين نه پئي آيو. هو انهن ماڻهن جي مخالفت ڪندو هو جيڪي نياڻين جي ڄمڻ تي مايوسي ظاهر ڪندا هئا. شهيد جي وني چيو ته ڳورهاري هئڻ يا بيماري ۾ ناظم ماني پچائڻ سميت گهر جا سمورا ڪم ڪار پاڻ ڪندو هو ۽ مون کي ويهاري کارائيندو هو. هن چيو ته منهنجو مڙس کل ڀوڳ ڪندڙ خوش مزاح انسان هو، ڪڏهن ڪڏهن مذاق ۾ ٻي شادي ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته مان هن کان ڪاوڙجي ويندي هيس ۽ هو جلد پرچائي وٺندو هو. شيرين جوکيو چيو ته منهنجو تعلق به غريب خاندان سان هو ۽ جڏهن ناظم جوکيو جي گهر پرڻجي آيس ته ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته ناظم منهنجيون ننڍڙيون ننڍڙيون توڙي وڏيون سموريون خواهشون پوريون ڪندو هو، ٻاهر گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. شيرين چيو ته مان جڏهن مذاق ۾ هن کي چوندي هيس ته منهنجي مرڻ کانپوءِ ٻي شادي ڪندين ته ان تي هو منهنجي وات تي هٿ رکي چوندو هو ته تو کان اڳ مان مري ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button