
ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مير محمد سولنگي جي رھواسڻ اميران سولنگي پنھنجي نابين مڙس لعل بخش سولنگي، قائما ۽ بچل سولنگي سان گڏجي دانھيندي چيو ته پٽ نثار ۽ جنسار سولنگي کان لاتعلقي ٿيل آھي، پر پو انهن وياج خورن کان پئسا وٺي جوا کيڏي منھنجي پٽن ۽ نابين مڙس جي کاتي جي 12 جريب کان وڌيڪ زرعي زمين دوکي سان وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اسان ٻن ويلن جي ماني لا به پريشان آهيون، وياج خور پٽن جي ڪري اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته جعلي نموني سان وڪرو ڪيل زمين واپس ڪرائي وياج خورن ۽ پٽن خلاف قدم کنيو وڃي.