پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي ٽي ايڇ او بدلي، ڊاڪٽرن جو ڌرڻو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر تعلقي اسپتال جي تعلقي ھيلٿ آفيسر کي ڪرونا ويڪسين ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ جي الزام ھيٺ ڊي سي ٿرپارڪر جي حڪم تي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ننگرپارڪر مان مٺي بدلي ڪري آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر کي رليو ڪرڻ خلاف ننگرپارڪر اسپتال جي ڊاڪٽرن اسپتال کي تالا لڳائي احتجاج ڪيو ۽ اسپتال آڏو ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين، پيراميڊيڪل اسٽاف ڊاڪٽر شاھد، ڊاڪٽر رميش، ڊاڪٽر زيب، ڊاڪٽر کٽو، اسٽاف ھيرالال، عنايت، غلام نبي ۽ ٻين چيو ته ڊي سي ٿرپارڪر ۽ ڊي ايڇ او اسان کي ڪرونا ويڪسين لا گاڏيون ۽ تيل نٿا ڏين، بغير گاڏين ۽ تيل جي ماڻهن کي ڪرونا ويڪسين ڪيئن ڪريون، ڪرونا ويڪسين ڪرڻ لا گاڏين جو خرچ ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او ھڙپ ڪري وڃن ٿا ۽ اسان کي تنگ ڪن ٿا، بغير ڏوهه جي تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر کي بدلي ڪيو ويو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ٻئي طرف ڊاڪٽرن طرفان او پي ڊي بند ڪرڻ بعد مريض پريشان ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button