پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ زراعت کاتي جي آفيس تي ڇاپو،رڪارڊ ضبط

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس زراعت کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي ھڪ سال جو رڪارڊ ضبط ڪري ڇڏيو. ايڊيشنل جج نجيب اللہ سومرو جي نگراني ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل آفيسر منظور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص جي زراعت کاتي جي آفيس تي ڇاپو ھڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو. ان موقعي تي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ ٻڌايو تھ کاتي ۾ ڪرپشن جي شڪايت تي ڇاپو ھنيو آھي، شڪايت آھي ته زراعت کاتي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سترام ۽ موجوده اڪائونٽنٽ تنوير وڏي ڪرپشن ڪئي آهي، جنھن ۾ يونيفارم بجيٽ کانسواءُ پيسٽي سائيڊ ڊيلرن کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ ٻين ڪم شامل آهن، 2020ع جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي، جاچ پڙتال بعد ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن سڄاڻ ڌرين چيو تھ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ماضي سميت ويجھڙائي ۾ ڪيترن ئي آفيسن تي ڇاپا ھڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، پر ڪنهن به آفيسر خلاف قدم ناهي کنيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button