سنڌ

قمبر ۾ پي ٽي آئي جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قمبر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ خلاف قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ محمد علي هڪڙو، نثار احمد ڏيپر، رئيس بهرام خان چانڊيو، صدام حسين گوپانگ، ياسين کوکر ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ غريبن سان ظلم برابر آهي، ڪيترن ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثر سياري جي ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن، ڪروڙين رپيا بجيٽ هوندي ضلعي انتظاميا سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آئي ڪارڪن کي نظرانداز ڪري انهن جي سياسي ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي، اسان هر وقت پنهنجي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ آهيون. جڏهن ته ڊي ايس پي قمبر ارباب علي سومرو، ايس ايڇ او طفيل احمد احمداڻي ۽ مختيار ڪار قمبر محمد عثمان سومرو ڌرڻي هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته ڊپٽي ڪمشنر قمبر اوهان جا جائز مطالبا تسليم ڪري متاثرن کي رليف ڏيندو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button