سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ڏيندڙ پي ايس ٽي جي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سيد ظفر شاھه، نديم ساگر ميمڻ، حسنين علي چانڊيو، آصف سانگي، نويد سومرو، علي محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان سال 2021ع دوران آءِ بي اي ٽيسٽ ڏني، جنهن ۾ 1500 اميدوار پاس ٿياسين، پر هن وقت تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جنهن سبب گهرڀاتين سميت فاقاڪشي تي مجبور آهيون. هنن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ٽين فيز ۾ 40 مارڪون کڻڻ وارا آرڊر حاصل ڪري چڪا آهن پر لاڙڪاڻي تعلقي وارا 55 تي ڦاٿل آهن، جيڪا اميدوارن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاھ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان 40 پلس وارن اميدوارن کي آرڊر ڏئي روزگار سان لڳائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button