سنڌ

ڊکڻ ويجهو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد کان هٿياربندن جي ڦرلٽ

ڊکڻ ويجهو نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمدپور اوڍو واسي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ريجن حيدرآباد حاجي عزيزالله اوڍو کان رتوديرو – جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي شادي لاڙي وٽ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 80 هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦُر ڪئي، جنهن بعد ڦر ڪندڙ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا. جڏهن ته نبي شاهه وڳڻ پوليس پيرو به کنيو، جيڪو نم شريف روڊ وٽ گم ٿي ويو. حاجي عزيزالله اوڍو ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کانئس ڦر ڪئي. ٻي طرف اُن سِلسلي ۾ ايس ايڇ او نبي شاهه وڳڻ هدايت الله نندواڻي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته حاجي عزيز الله اوڍو کان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند هَٿيارن جِي زُور تي رُوڪ رَقم سَميت مُوبائل فون ڦُري ويا. ڳوٺاڻن ۽ پوليس گَڏجي پيرو کنيو ته نم روڊ وٽان گُم ٿي وَيو آهي. هِن چَيو ته ڦر وَاقعي جي حَوالي سان حد جي پُوليس وَڌيڪ جَاچ ڪَري رهي آهي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button