سنڌ

باقراڻي ۾ عورت جو مڙس سان گڏجي پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاج

باقراڻي جي ڳوٺ ڄام شيخ جي رهواسڻ حاڪم خاتون مڙس اسماعيل شيخ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان پنهنجي ڀائرن حسين بخش، پپن پٽ غلام حيدر شيخ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام لڳائيندي چيو ته 30 سال اڳ اسان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي پر ڀائر اڃا تائين منهنجي مڙس اسماعيل شيخ کي ڪارو سمجهن ٿا. هن چيو ته ڀائر لالچي آهن، منهنجو ڀائرن سان ڪو واسطو ناهي، منهنجا ڀائر مڙس ۽ ٻارڙن کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي پئسن جي گهر ڪري رهيا آهن. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button