سنڌ

دوداپور ويجهو جهيڙو ختم ڪرائڻ لا ميڙ منٿ قافلو پهتو،ٻن ڌرين جو ٺاهه کان انڪار

دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽوهر-بنگلاڻي ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ فائرنگ بند ڪرڻ ۽ ٺاهه لا ٽنهي ڌرين وٽ سردار جهانگير بنگلاڻي، سردار اڪبر خان بليدي، مير لياقت رند ۽ مير عاشق بروهي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو پهتو. ڏاهاڻي ڌر ٺاهه لا راضي ٿي وئي، جڏهن ته ڪٽوهر ۽ بنگلاڻي ڌر ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. خبر موجب دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي علائقي ۾ ھلندڙ ڪٽوهر-ڏاهاڻي ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لا علائقي جي چڱن مڙسن سردار اڪبر خان بليدي، سردار جهانگير خان بنگلاڻي، مير لياقت خان رند، مير عاشق حسين بروهي، سيد ٻڍل شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڌرين وٽ پهتو. اڳواڻن ڌرين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي چيو ته خدارا ٺاهه ڪريو، بيگناهه ماڻھو قتل ٿي رهيا آھن، علائقو نوگو ايرايا بڻيل آھي. ان موقعي تي ڏاهاڻي ڌُر جي خان محمد ڏاهاڻي چيو ته اسان هر وقت امن چاهيون ٿا ۽ ٺاهه ڪرڻ لا تيار آهيون پر پوليس بيگناهه اسان جي گهرن مٿان چڙهايون پئي ڪري، جيڪا سراسر ناجائزي ۽ ظلم آهي، اهو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. ٻئي طرف ميڙ منٿ قافلو بنگلاڻي ڌُر جي عرفان بنگلاڻي، غلام علي بنگلاڻي ڌر وٽ پهتا ته انهن چيو اسان جا ڪجھه ماڻهو ٻاهر ويل آهن، اهي موٽي ايندا ته پو توهان کي ڪو جواب ڏينداسين، في الحال ڪجهه به نٿا ٻڌائي سگهون. ان کانپو ساڳيو ئي قافلو ڳوٺ صوبو خان ڪٽوهر پهتو، جتي ڪٽوهر ڌر جي چڱي مڙس صوبو ڪٽوهر چيو ته اسان في الحال ٺاهه يا جنگ بندي نه پيا ڪري سگهون، برادري سان مشورو ڪرڻ کانپو ئي ڪجهه ٻڌائينداسين. ياد رهي ته هڪ سال اڳ چوري جي معاملي تان بنگلاڻي ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ عورت سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا هئا ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ڌرين ۾ ٻيهر تڪرار شروع ٿيو جنهن ۾ مختلف وقتن تي جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button