سنڌ

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ججن جي کوٽ پوري ڪئي وئي آهي:چيف جسٽس

چيف سنڌ جسٽس هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ ڊسٽرڪٽ بار روم ۽ لايرس لائبريري جو افتتاح ڪيو. ڊسٽرڪٽ بار ۾ ڪوٺايل افتتاحي تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس امجد علي سهتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو سيد شرف الدين شاهه، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ صفدر علي غوري، جوائنٽ سيڪريٽري ستار هليو سميت هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ چيو ته لاڙڪاڻو منهنجي سڃاڻپ آهي اڄ مان پنهنجي بار ۾ واپس موٽي آيو آهيان، هتان جي سينيئر وڪيلن مختلف وقتن تي منهنجي رهنمائي ڪئي جن جو وڏو ۽ خاموش ڪردار آهي هتي سينيئرن کان سکبو ۽ سيکاربو هو ان ۾ اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.هن چيو ته لاڙڪاڻو بار نئين طرز تي ٺهيل ۽ تمام بهترين آهي، ميمبرن جو تعداد ۽ آبادي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ڪري هتان جا وڪيل پروپوزل کڻي اچن ته اسين بار جي ايڪسٽينشن لاءِ ڪوششون وٺي ايندڙ اسڪيم ۾ ان ڪم کي اپروو ڪنداسين. هن چيو ته رتوديرو جڊيشل ڪامپليڪس جو ڪم تيزي سان هلندڙ آهي ۽ مون کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته ٻن مهينن جي اندر ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ جج ۽ وڪيل اتي ويهي سگهندا. جيسيتائين ڏوڪري بار جو ڪم آهي ان سان گڏ لاڙڪاڻو بار جو به ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو. هن چيو ته گذريل جڊيشل مئجسٽريٽ جا انٽروويز ٿيا جنهن ۾ ڏٺم ته ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي کان ڊسٽرڪٽ قمبر شهدادڪوٽ جي دوستن سڀ کان وڌيڪ ڪواليفاءِ ڪيو ان تي حيران به ٿيس، ٿورو ڏک به ٿيو ۽ خوشي به ٿي ڇاڪاڻ قمبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ سماجي ۽ تعليمي طور تي لاڙڪاڻي جيان ڊولپ ناهي وري به خوشي جي ڳالهه آهي ته اهڙي طرح سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٿر جي نوجوانن جي به پرفارمنس سٺي هئي، خوشي ٿي ته سڀ ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ مسڪين پورهيتن جا اولاد اچي ويا آهن ۽ انشاءَ الله اهي جوائن به ڪندا. هن چيو ته ججن جي کوٽ وارو مسئلو آهي، گذريل مهيني اسان ڊي پي سي ڪئي جنهن ۾ 62 ايڊيشنل سيشن ججن جا پروموشن ٿيا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ججن جي کوٽ پوري ڪئي وئي آهي، هاڻي سنڌ جي هر ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي ۾ جتي جتي ججن جي ضرورت هوندي اتي ججن کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته سينيئر سول ججن جا به پروموشن رهيل آهن اهي پروموشن ٿيڻ سان سنڌ جي جڊيشري ۾ 99 سيڪڙو ججن جون خالي جايون ڀرجي وينديون. هن چيو ته جج ۽ ڪاموري ۾ وڏو فرق آهي، جيڪڏهن جج انصاف جي فراهمي ۾ ڪوششون وٺن ٿا ته اهي توهان مٿان ڪو احسان نٿا ڪن اهو انهن جو فرض ۽ ڊيوٽي ۾ شامل آهي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽن تي 2021ع تائين جي ريگيولر اپيلن جا فيصلا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت هاءِ ڪورٽ ۾ 2022 جون اپيلون هلن پيون. هن چيو ته اوريجنل جيورسڊڪشن جو مسئلو آهي جيڪو ڪيس لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊو باگو ۾ ٻڌو وڃي اهو ڪيس هاءِ ڪورٽ جي به جج کي ٻڌڻو پوي ٿو، ان ۾ هاءِ ڪورٽ جا 7 جج ويهارڻا پوندا آهن تنهن ڪري اهو مسئلو ڪيسن جي پينڊنگ جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته سنڌ جي ڊسٽرڪٽ جڊيشري ۾ نوجوان خون آهي جتي نوجوان جج ۽ وڪيل آهن ان سان جڊيشري ۾ بهتري ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button