سنڌ

نئون ديرو جي پرائمري اسڪول ۾ ثقافتي تقريب، ٽيبلوز ۽ گيت پيش

نئون ديرو جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ون ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب اسڪول جي هيڊ مسٽريس صنم سيال، استادن عبدالجبار پهوڙ، امداد علي ميراڻي، محمد بخش مهر، فياض منگي، عرفان کهڙو، تاج منگي، رياض ڪوريجو، عنايت الله پهوڙ، نريندر ڪمار، سعيد ابڙو، رسول بخش مڱڻيجو، محمد رمضان ابڙو، عرفان منگي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس وڳا پهري ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻي ارم پنهنجي ٽيم سان گڏجي ويلڪم ٽيبلو پيش ڪيو جڏهن ته شاگردن اويس ۽ سهانا گيت پيش ڪري سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. پنجين ڪلاس جي شاگردياڻين بسمه ۽ سندس ٽيم پنهنجي پيش ڪيل ٽيبلو ۾ والدين کي پيغام ڏنو ته پنهنجي نياڻين کي تعليم کان محروم نه رکو ۽ انهن کي تعليم ضرور ڏياريو. تقريب ۾ هيڊ مسٽريس صنم سيال آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي آيل مهمانن کي گلن جا هار پهرائي ڀرپور آجيان ڪئي. ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته هن قسم جي پروگرامن سان سنڌ جي تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت بابت شاگردن کي آگاهي ملي ٿي ۽ هو پنهنجي ثقافت کي سڃاڻي پاڻ سان گڏ اڳتي کڻي هلن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button