سنڌ

لاڙڪاڻي واسي نوجوان جو گهرڀاتين سميت گهر تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي واسي نوجوان محمد فاروق شيخ پنهنجي گهرواري ماها فاروق، پٽن محمد عمر ۽ محمد سمي شيخ سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي جي گهنٽي ڦاٽڪ وٽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بنگلي تي بااثر سئوٽ پيپلز پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد نواز شيخ سياسي زور تي سونا زيورن، ڪپڙن، ضروري ڪاغذن سميت ٻي سامان تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي آفيس سميت حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو، ڪجھ ڏينهن اڳ مان بااثر سئوٽ محمد نواز شيخ جي ننڍي ڀاءُ فرخ شيخ سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته بنگلي ۾ جيڪو اسان جو سامان پيل آهي، اهو اسان کي واپس ڪيو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ڀاءُ سان ڳالهائي پوءِ توهان کي ٻڌائينداسين پر هن وقت هو به اسان جي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري گذريل ڪيترن ڏينهن کان وٺي مان پنهنجي گهرڀاتين سميت شهر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ رهندو آهيان. هن چيو ته بااثر سئوٽ پ پ اڳواڻ محمد نواز شيخ سندس ملازم اسان کي بنگلي ۾ اندر داخل ٿيڻ ئي نٿا ڏين ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جن مان مون سميت گهرڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر سئوٽ خلاف ڪارروائي ڪري بنگلي ۽ گهريلو سامان مٿان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button