سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسين جو کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لا احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر تعلقي جي مهي مڪول لڳ ڳوٺ بچل چانڊيو جي رهواسين وليد پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ممتاز چانڊيو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي گل چانڊيو، شاهد، جاويد، سڌير، امام بخش چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانيهدي الزام لڳائيندي چيو ته ايس ايڇ او وليد عبدالغفور ڇٽو اسان جي پورهيت سئوٽ ممتاز چانڊيو کي وقتن به وقتن تنگ ڪري پيسن جي گهر ڪري رهيو هو جنهن کان پوءِ اسان جي سئوٽ اهڙي شڪايت پنهنجي وڪيل معرفت قمبر ڪورٽ ۾ ڪئي جتي ايس ايڇ او ڪورٽ کي لکي ڏيڻ کانپوءِ وري تنگ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته اسان 19 ڊسمبر تي ها ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل سرفراز چانڊيو معرف پٽيشن داخل ڪئي جنهن جي شنوائي 12 جنوري تي رکي وئي، عدالت کان ٻاهر نڪرڻ بعد ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو ۽ پوليس وارن سئوٽ کي چانڊڪا پل ڀرسان ڪار ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جنهن بعدِ اسين 2 ڏينهن اڳ ساڳي ئي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن جي حاضري 24 ڊسمبر رکي وئي. هنن چيو ته ايس ايڇ او اسان کي داخل ڪيسن تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي اسان جي کنڀي گم ڪيل سئوٽ مٿان ڪو ڪيس داخل آھي ته ايس ايڇ او ظاهر ڪري ويتر اسان کي ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او وليد کان پڇاڻو ڪري کنڀي گم ڪيل ممتاز چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button