سنڌ

ڏوڪري جي پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد

ڏوڪري ۾ حبيب پبلڪ اسڪول پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، اسڪول جي ڊائريڪٽر عاشق علي سوھو ۽ پرنسپال پرهھ جوڻيجو پاران اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪنول، دعا بتول، اريج ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. اسڪول ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگرد غلام حسين، عدنان، صدف،صائمه ۽ ٻين کي انعام ڏنا ويا. اسڪول جي ڊائريڪٽر عاشق علي سوھو چيو ته اسڪول جي استادن ۽ سموري عملي جي اڻ ٿڪ محنت سبب شاگرد پوزيشن کڻي رهيا آهن. اسڪول جي پرنسپال پرهه جوڻيجو چيو ته حبيب پبلڪ اسڪول جا استاد ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي ڄاڻ ۽ تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪرڻ ۾ هر قدم تي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته اسڪولي ٻارڙا تعليم ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button