لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف سرڪاري کاتن جي رٽائرڊ ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پاڪستاني چوڪ واري علائقي مان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گورنمينٽ رٽائرڊ امپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي عبداللطيف اڄڻ، امام الدين سولنگي، مٺل شيخ، غلام مرتضيٰ جکرو، امداد عباسي، شاهنواز جمالي، علي نواز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته حڪومت اسان کي جائز حقن کان محروم بڻايو آهي، جنهن ۾ گروپ انشورنس ۽ وزيراعظم پاران اعلان ڪيل 10 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو شامل آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس، بنيوئلٽيٽ فنڊ ڏيڻ سان گڏ سندن پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي پر سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي ان کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب رٽائرڊ ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس، بنيوئلٽيٽ فنڊ ڏئي 10 سيڪڙو پينشن اضافو ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close