سنڌ

شهيد بينظير ڀٽو سياست جو هڪ چمڪندڙ تارو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو دنياوي سياست تي هڪ چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو هميشه چمڪندو رهندو. هن چيو ته سڄي دنيا شهيد جي سياسي بصيرت کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي پنڊي ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري هڪ سازش جو حصو بڻائي ملڪ کي اونداهين ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي صدر آصف علي زرداري پنهنجي سياسي بصيرت سان ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ پاڪستان بچائڻ جو نعرو لڳائي ملڪ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو ۽ ملڪ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي شڪست ڏني. هن چيو ته شهيد پنهنجي آخري منشور ۾ تعليم، توانائي ۽ ماحول جي تحفظ کي ترجيح ڏني. مراد علي شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جهڙا عظيم، بهادر اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. اڄ اسان ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي گڏ ٿي سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ورجايون پيا. هن چيو ته آئون ان اعزاز تي گهڻو خوش آهيان جو مون کي شهيد جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون کانئس گهڻو ڪجهه سکيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button