پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ گوڙاڻي ڊئم جي متاثر ڳوٺاڻي جو معاوضي لا احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ گوڙاڻي ڊئم جي متاثر ڳوٺاڻي پنهون ميگهواڙ ڊ.م ايريا ۾ آيل سروي زمين جو معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن روينيو کاتي خلاف دانهيندي چيو ته 2016ع ۾ منهنجي سروي نمبر 81 تي قبضو ڪري ڊئم جو ڪم شروع ڪيو ويو، ڪمپني واعدو ڪيو ته معاوضو ڏينداسين، اُن وقت منهنجو فصل به ڀيلايو ويو، هاڻ ٻني تي قبضي کي 7 سال گذري ويا آهن، پر مون مسڪين کي هڪ رپيو به معاوضي جو ناهي مليو، منهنجي معاوضي واري رقم ۾ ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار رڪاوٽ بڻيل آهن، هُو ڪاغذ دُرست ڪري اڳتي نه ٿا موڪلين، آئون ڊي سي سميت اي سي ۽ مختيارڪار آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي، آفيس وڃان ٿو ته عملو ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏي ٿو، هاڻ اڄ کان پريس ڪلب آڏو احتجاج شروع ڪري رهيو آهيان، مون سان انصاف نه ٿيو ته پريس ڪلب آڏو پنهنجو پاڻ کي باهھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button