سنڌ

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ملينيم مال ويجهو پوليس جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو. پوليس موجب شاهين فورس اهلڪارن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، موٽرسائيڪل سوار نوجوان نه روڪيو ۽ فرار ٿيڻ دوران پوليس تي فائرنگ ڪئي، جنهن تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٻيو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان پيل گولين جا خول مليا آهن، سرچ ايپ جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان ايس ايس پي شرقي جو چوڻ آهي ته مقتول جو والد ايڪسائيز ۾ هو، مون کي ان بابت ڪا خبر ناهي، معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. فوتي نوجوان جي ماءُ جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ فشري ۾ ڪم ڪندو هو. ماءُ جو چوڻ آهي ته پنهنجي ٻار سان گڏ ڪير ڦر ڪري سگهو ٿو، پوليس بيگناهه انسان کي ماري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button