سنڌ

شهيد راڻي سياست سان گڏ هر شعبي ۾ “بينظير”:پنهنجا پراوا معترف

اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي اڱاري تي ملهائي وئي. کيس 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو هو. ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو چيو هو ته بينظير پاڪ ۽ هند جي تاريخ ۾ بينظير بڻجي ويندي، پوءِ دنيا ڏٺو ته هي بهادر عورت تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري وئي، 21 جون 1953 تي ذوالفقارعلي ڀٽو جي اڱڻ ۾ اک کوليندڙ پنڪي ملڪ سياست جو هڪ چمڪندڙ تارو بڻجي صرف نالي ۾ نه پر ان جا ڪم به بينظير هئا، جواني ۾ اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ۽ آمريڪا جي چونڊ ڪئي. تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ سياسي ميدان ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريو، ڀٽو جي قيد کان وٺي ڦاهي تائين آمريت جي دور ۾ بينظير ڀٽو هر مصيبت ۽ مشڪل جو ثابت قدمي ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. 1986 ۾ بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري واپس وطن وري ته پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بڻجي سياست ۾ باقاعدي قدم رکيو، 1987 ۾ آصف علي زرداري سان پرڻو ڪيو، بينظير ڀٽو 1988 ۾ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي، جڏهن ته ان جي حڪومت گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگهي ۽ 20 مهينن کان پوءِ ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو 1993 ۾ هڪ دفعو ٻيهر حڪومت ملي پر ٽن سالن کان پو 1996 ۾ کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو. 1998 ۾ بينظير ڀٽو پاڻمرادو جلا وطن ٿي وئي، ڪڏهن لنڊن ته ڪڏهن دبئي ۾ رهائش ڪئي، 18 آڪٽوبر 2007 تي بينظير ڀٽو وطن موٽي آئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ڪارڪنن سندس تاريخي آجيان ڪئي، بينظير ڀٽو کي ڪراچي ايئرپورٽ کان قافلي جي شڪل ۾ نيو ويو، ان دوران ڪارساز واري هنڌ تي سندس قافلي تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو، ان حملي ۾ ڪيترائي ڪارڪن اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته بينظير ڀٽو محفوط رهي. 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو راولپندي جي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب کان پوءِ واپس رواني ٿي، ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جيئن کي گاڏي مان منهن مٿي ڪيو ته قاتل مٿس فائر ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح اوڀر جي ڌيءَ هميشه لاءِ وڇڙي وئي. شهيد بينظير ڀٽو جي لازوال قربانين سبب نه رڳو پنهنجا ڪارڪن ۽ همدرد پر سندس ڪٽر مخالف به پاڪستان جي ارڏي نياڻي طور ياد رکن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button