پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ ۾ سستي اسٽال تي بدنظمي، اٽو نه ملڻ خلاف احتجاج

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري پاران سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو، جتي ٻڌايو وڃي پيو ته 300 سئو کان 350 ڪٽا 10 ڪلو وارا سستي اگهه 65 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪيا ويا، اسٽال تي رش سبب بدنظمي پيدا ٿي وئي، جنهن تي اسٽال عملي ڪجهه ماڻهن کي اٽو وڪرو ڪري فورن اسٽال بند ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف شهرين ليٻو ڪولهي، الهنو ڀيل، ڄام کوسو، بلال کوسو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. شهرين الزام هڻندي چيو ته اسٽال تي عملي من پسند ماڻهن کي اٽو وڪرو ڪيو آهي ۽ اسان کي چيو ته في خاندان کي هڪ ڪٽو ڏنو ويندو، عملو اسان کان پئسا به وٺي ويو آهي ۽ اٽو به نه ڏنو. هنن چيو ته اسان مزدوري ڪري ڏيهاڙي هڻي شام جو 115 کان 130 رپيا في ڪلو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون، ڏيهاڙي وارا پئسا به اسان کان کسجي ويا آهن، هاڻ اٽي لا پريشان آهيون. هنن ڊي سي عمرڪوٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اٽو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button