پاڪستانسنڌ

نوابشاهه شگر مل ۾ سرهاڙي جو نوجوان ڊرائيور فوت

سرھاڙي: سرھاڙي جو رھواسي ڊرائيور 18 سالن جو نوجوان منير حسين زرداري نوابشاهھ حبيب شگر مل ۾ ڪمند سان لوڊ ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ ڪوڏ خان زرداري واسي ڊرائيور 18 ورهين جو نوجوان منير پٽ غلام حيدر زرداري نوابشاهھ حبيب شگر مل ۾ ڪمند سان لوڊ ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي دٻجي ويو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال آندو ويو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو وارث کڻائي ڳوٺ ڪوڏ خان زرداري پهتا ته ڪهرام مچي ويو. نوجوان کي جنازي نماز بعد درگاھه ڪرم شاهھ بخاري جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button