سنڌ

شرجيل انعام ميمڻ طرفان ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس پينل کي ڪاميابي تي واڌايون

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ماڻڻ تي ڊيموڪريٽس پينل کي واڌايون ڏنيون آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بنا مقابلي نئين چونڊيل اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته صدر سعيد سربازي، نائب صدر مشتاق سهيل، خزانچي احتشام سعيد قريشي، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسلم خان کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صوبائي وزير چيو ته پريس ڪلب جي گورننگ باڊي ۾ ذوالفقار واهوچو، ذوالفقار راڄپر، شمس ڪيريو، رفيق بشير، ڪلثوم جهان، محمد فاروق سميع ۽ محمد فاروق وهرا کي چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊيموڪريٽس پينل جي بنا مقابلي ڪاميابي انهن جي بهترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي ملڪ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ آهي، اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ڪراچي پريس ڪلب جي شاندار روايتن کي برقرار رکندا. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحافتي ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن سان سنڌ حڪومت پنهنجو سهڪار جاري رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button