سنڌ

ڪراچي سميت سنڌ جي ٽن وڏن شهرن ۾ دهشتگرد حملن جو خطرو

سنڌ حڪومت پوليس ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪيو آهي ته دهشتگرد تنطيمن صوبي جي ٽن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد ڪارروائين سان ٽارگيٽ بنائڻ جو پلان جوڙيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي گهرو کاتي، ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽن اهم شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ امڪاني دهشتگردي جي حملن کي روڪڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ جي هدايت ڏني آهي. خط ۾ چيو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد ڪارروائين لاءِ سنڌي ۽ بلوچ دهشتگرد تنظيمون بلوچ ريپبلڪن آرمي، براس ۽ سنڌ روليشنري آرمي پلاننگ ڪري ورتي آهي. خط جي متن ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگرد تنظيمن امڪاني دهشتگرد حملن لاءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد ورهائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ سکر ۾ رهندڙ ٻن وڏن دهشتگردن جو تفصيل رينجرز ۽ پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي. رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل تعاون ذريعي دهشتگردن جي امڪاني حملن کي روڪڻ جا قدم کنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button