پاڪستانسنڌ

عمران کي آخري وارننگ,پارليامينٽ اچي،ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون:بلاول

لاڙڪاڻو(رپورٽ:جاويد سولنگي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو چيو ته عمران کي آخري وارننگ آهي ته پارليامينٽ اچي، ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. عمران خان ۽ صدر کي ڪنهن اجازت ڏني ته دهشتگردن جا پير جهلي ڳالهيون ڪري،ان پاليسي تي نظرثاني لا غور ڪنداسين. سپهه سالار مڃيو ته سياست ۾ مداخلت ٿي،ادارو توبهه ڪري ٿو،اها جمهوريت جي فتح آهي. 15 سال گذري چڪا آهن جڏهن کان اوهين بي بي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اوهان کان کسي شهيد ڪيو ويو، آءُ پيپلز پارٽي جي سمورن جيالن ۽ ملڪ جي سمورن سياسي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اچي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ٿورو نظر ڊوڙائين هتي 15 ورهين کان پوءِ به انسانن جو سمنڊ گڏ آهي، هتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا، ڀائر، ڀينر ۽ سياسي ڪارڪن اڄ به هتي موجود آهن. اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪهڙو گناهه هو جو محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. ان جو گناهه اِهو هو ته هوءَ هڪ محب وطن پاڪستاني هئي، هو نه صرف پاڪستان پر عالمي دنيا جي ليڊر هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي پوري مسلم امه جي فخر هئي. هو آمرن جي لاءِ خوف جي بنياد هئي، انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي. ڪجهه سياستدانن ملڪ ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ جي بنياد تي سياست ڪندا آهن پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو يڪجهتي تي يقين رکندي ۽ ملڪ جوڙي سياست ڪندي هئي. اسين ان ڪري چوندا آهيون ته چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير، هوءَ پوري دنيا جي ليڊر هئي، هوءَ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڏسڻ نه چاهيندي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن آمريڪا ويندي هئي ته اتي سندس پورو پارليامينٽيرين آمريڪا جي پارليامينٽ ۾ گڏ ٿي جلسو ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تقرير ٻڌندا هئا. اڄڪلهه کان اسان کان اڳ هو سليڪٽيڊ ويندو هو ۽ هو پنهنجي ڪارڪنن کي گڏ ڪري تقرير ڪندو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن قطار ۾ بيهي انتظار ڪندي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته دهشتگردي ۽ آمريت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت جو مقابلو ڪندي هئي، اوتري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي. آمريت بندوق جي زور تي اوهان جا حق هڙپ ڪندي آهي ۽ دهشگرد خوف جو ماحول ڦهلائي توهان جا حق عضب ڪندا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو نفرت جي سياست نه پر اميد جي سياست تي يقين رکندي هئي. انشاءَ الله اسان محنت ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نامڪمل مشن کي مڪمل ڪنداسين، آءُ توهان کان پڇا ڪندس ته ڇا توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نامڪمل مشن کي مڪمل ڪندئو؟ مون سان گڏجي محنت ڪندئو، انشاءَ الله اسين اميد جي سياست ڪنداسين ۽ ڪوڙ جي سياست کي رد ڪنداسين. هن چيو ته اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي اسين اِهو عهد ٿا ڪيون ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياست، فلسفي ۽ نظريي مطابق هلنداسين. شهيد ڀٽو اسان کي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان آئين جي بحالي لاءِ 30 سالن تائين جدوجهد ڪئي ڇاڪاڻ هوءَ ڄاڻيندي هئي ته ان آئين ۾ عوام جا حق، آزادي آهن ۽ ان آئين موجب عوام، هاري ۽ آبادگار کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا ويندا تنهن ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو آئين ۽ جمهوري نظام جي بحالي لاءِ 30 سال جدوجهد ڪئي ۽ آئين بحال ٿيو ۽ شهيد ڀٽو جي امانت 1973ع جو آئين بحال ٿيو اهو صدر آصف علي زرداري، پي پي پي جي ڪارڪنن، ساٿين جي خون ۽ پگهر سان بحال ٿيو، اسان 18 هين ترميم جي صورت ۾ 1973ع جي آئين کي بحال ڪيو، صوبن کي پنهنجا حق ڏياريا، جمهوريت کي بحال ڪيو. جڏهن اسان مشرف ۽ ان جي باقيات جو مقابلو ڪيو ان وقت به اسان هميشه جمهوري هٿيار استعمال ڪري غير جمهوري ماڻهن کي فارغ ڪيو. جيئن صدر زرداري اڳوڻي آمر، ان ماڻهو کي جمهوري طريقي سان شڪست ڏني ۽ اڄ اسين فخر سان چئي سگهون ٿا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آهي ۽ مشرف هو. آصف علي زرداري سياست دانشمندي ۽ سياسي طريقييڪار سان مشرف کي ائين ڪڍيو جيئن اوهان مک کي کير مان ڪڍندا آهيون ۽ عوام فيصلو ڪيو ته هي سليڪٽيڊ اسان جي آئيني حقن، 18 هين ترميم جي خلاف سازش ڪري صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو هڻي انهن جي پٺيان لڳل آهي. اهڙي طريقي سان عوام سليڪٽيڊ کي عدم اعتماد جي ذريعي ڪڍيو، جيڪا پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي فتح آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو عوام جو ڪريڊٽ ۽ لانگ مارچ جو ڪريڊٽ ۽ آصف زرداري جو سياسي ڪريڊٽ وائيٽ هائوس ۽ جو بائيڊن کي ڏئي رهيو آهي. ان کي آمريڪي صدر نه پر پيپلز پارٽي جي جيالن ڪڍيو، وائيٽ هائوس جي سازش نه پر بلاول هائوس جي سازش کيس ڪڍيو، اسان عوام جي سامهون ۽ روڊن توڙي پارليامينٽ ۾ ويهي کيس چيو ته اسين هي ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ اهو ڪم اسين ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته هاڻي ڄاڻي وٺو ته جيئن مشرف ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي ۽ هي سليڪٽيڊ ۽ مشرف جي باقيات ماضي جو حصو بڻجي چڪا آهن. ملڪ ۾ لاقانونيت، دهشتگردي ۽ ٻيا مسئلا هئا انهن جو بندوبست صرف پيپلز پارٽي ڪندي آهي، اسان ماضي ۾ به خدمت ڪئي ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي ليڊي هيلٿ ورڪر جو پروگرام ڏنو ان نعري جو جائزو وٺندي اسان سنڌ ۾ مفت اسپتالون ٺاهيون آهن ۽ ٿوري مفاصلي تي گمبٽ اسپتال جتي ڪينسر، ڪڊني ۽ ليور جو علاج بلڪل مفت آهي جتي پيپلز پارٽي بندوبست مفت علاج جو ڪيو آهي، اسين عام ماڻهن کي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي اميرن کي فراهم ٿيل آهن، ڪراچي کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر تائين دل جون هر هنڌ اسپتالون آهن ۽ گهرن جي ويجهو به اسپتالون هجن ۽ ڪنهن ماڻهو کي ڪو به مرض آهي ان جو مفت علاج ڪرائي سگهون. هن سليڪٽيڊ جي ناڪامي ۽ نالائقي جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي دنيا ۾ پاڪستان جي جيڪا حيثيت ۽ اهميت هئي اها نه پئي ملي، پاڪستان کي انتهاپسندي ۽ دهشگردي سان ڳنڍيو ويندو هو ان ۾ اسين پنهنجو ۽ ڪشمير جو دفاع نه ڪري سگهندا هئاسين انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. اسان جا فوجي سرحدن کان پوري ملڪ تائين شهادتون قبول ڪري دهشتگردن کي شڪست ڏني، دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي هئي ۽ دهشتگردن کي ماڻهو نه پيا ملن اهي ڪم ڪن ۽ آپريشن ضرب عضب ۽ ٻيا آپريشن ڪري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي جيڪي لڪي رهيا هئا ۽ جيڪو ڪم پوري نيٽو افغانستان ۽ پوري دنيا ۾ نه ڪري سگهيو اهو ڪم پاڪستان جي فوج پاڪستان ۾ ڪري ڏيکاريو. بينظير ڀٽو جا ڪارڪن سوال پڇي رهيا آهن ته هن سليڪٽيڊ، ناجائز ۽ نالائق کي ڪنهن اجازت ڏني ته هو دهشتگردن جي اڳيان گوڏا کوڙي ۽ پير وٺي ڳالهيون ڪري؟ پارليامينٽ کان پڇا ڪرڻ بغير دهشگردن جا پير پڪڙي ڳالهيون ڪري ڪنهن دهشتگردن کي ڪئمپن ۽ جيل مان ڪڍيو انهن کي ڪنهن دعوت ڏني. اسان حڪومت ۾ آهيون ۽ دهشتگردي بابت پاليسي کي رويو ڪرڻ لاءِ به ڳالهايو ويندو، عمران خان جي دهشتگردن ۽ انتهاپسندي جي لاءِ جيڪا پاليسي هئي، ان کي ڇڏي قانون جي رٽ قائم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هي سليڪٽيڊ جي جيڪا پاليسي هئي هو عام ماڻهو مٿان بار وجهندو رهيو ۽ معاشي طور تي پاڪستان کي تاريخي نقصان پهتو. اهڙيون اهڙيون معاشي پاليسيون لاڳون ڪيون جيڪي پاڪستان جي معِيشت تي خودڪش هئا ۽ پاڪستان کي ڏيوالو ڪرڻ وارا هئا. هڪ طرف سليڪٽيڊ جي انا ۽ ٻئي طرف ٻوڏ متاثر ۽ معاشي ٻوڏ جنهن کي عوام ڀوڳي رهيو آهي. مان سنڌ جي وڏي وزير جي تعريف ڪيان ٿو جو هن ڪمال ڪيو آهي جڏهن بارشون هلي رهيون هيون ۽ ٻوڏ نه آئي هئي شاهه صاحب ان وقت سنڌ جي ضروري منصوبن جي لاءِ پوري تياري ڪري منصوبا ٺاهيا ۽ وقت کان اڳ مڪمل ڪيا ۽ هاڻي جڏهن آءُ آمريڪا هيس ته شاهه صاحب جي محنت ۽ تياري جي ڪري اسان ورلڊ بئنڪ کان 2 ارب ڊالر جو قرض سنڌ جي عوام ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ بندوبست ڪيو. سنڌ ۾ 9 جنوري کان ملندڙ پئسن مان ڪم شروع ڪنداسين. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ مان ملندڙ قرض مان مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن کي هڪ حصو پئسا ڏينداسين ۽ بنا وياج جي قرض به ڏينداسين. هن ڌرتي جي ماڻهن کي پنهنجي زمين جو مالڪ بڻائينداسين. ان کان علاوه ان گهر جي عورتن کي ان زمين جو مالڪ بڻائينداسين ۽ ان سان راتو رات معاشي طاقت ۾ اضافو ٿيندو ۽ عورتن جي خودمختياري هوندي. هن چيو ته جيڪو سليڪٽيڊ هن معاشي بحران جو ذميوار آهي جنهن معيشت تي خودڪش حملو ڪري مهانگائي جي سونامي آندي. هن چيو ته ملڪ جو سپهه سالاپر بيهي چوي ٿو ته سياست ۾ مداخلت ٿيندي آهي ۽ اهي توبهه ڪري آئنده سياست ۾ مداختل نه ڪندا اها ئي جمهوريت جو انتقام آهي.شهيد بي بي، شهيد ڀٽو جو انتقام آهي ۽ هي واعدو جيڪو ملڪ ۽ قوم سان ڪيو ويو ته ادارا غير سياسي هوندا ۽ سياست ۾ مداخلت نه ڪندا ۽ آئين جا پابند بڻجي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪندا ۽ اسان کي پڪ ڏيندا ته اهي ان تي ڪاربند رهندا ۽ اسان جي اسٽبلشمنت به ان عزم سان اڳتي وڌندي ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نه سگهندو. اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو هئي، هو دهشتگردن جي ڌمڪين جي باوجود ڪم ڪندي رهي پر هي بزدل بني گالا ۾ لڪي ويٺو. ان لاءِ آخري وارننگ آهي ته هو پارليامينٽ ۾ اچي ڪرسي تي ويهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري، اسان توهان کي چار سال بطور اپوزيشن ڀوڳيو توهان پهرين ڏينهن نخرا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ٻاهر اچي روئڻ شروع ڪري ڏنو. توهان پارليامينٽ جو حصو بڻجي ويهو پوءِ حڪومت توهان سان ڳالهائيندي. حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڳالهيون نه ڪندي اسان توهان جو مقابلو چونڊن جي ذريعي ڪنداسين،. مان نه ٿو چاهيان ته توهان سان به اهو ٿئي جيئن اڳوڻي خاتون اول سان توهان جا ٻار گهمن ۽ توهان جيل ۾ هجو ۽ توهان نيب جي زد ۾ اچو. اسان اهي سڀي تڪليفون برداشت ڪيون آهن جيئن اسان جي ايندر نسل کي نه ڀوڳڻو پوندو ايندر نسل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کي ترجيح ناهي ڏيڻي، عوام کي موقعو ڏيڻو آهي اهي اسان کي توهان کي سڃاڻن ٿا ۽ عوام ڄاڻي ٿو ته چئن سالن جي دوران عوام سان ڇا ڪيو ويو، عمران خان جي دور ۾ پاڪستان پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ملڪي واڳون اسان جي هٿن ۾ آهن اسان اکين ۾ اکيون وجهي پاڪستان جي ترجماني ڪندا آهيون توهان جي دور ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ۽ زباني وار ڪندو ته توهان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا آهيو ۽ جڏهن هندوستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ته توهان پارليامينٽ ۾ اچي چيو ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو هاڻي مان وزير خارجه آهيان ۽ مودي جي اکين سان اکيون ملائي پوري دنيا سان ڳالهائي سگهان ٿو هي نوجوانن جو وقت آهي ۽ اهو وقت اچي ويو ته هاڻي اسان هن سليڪٽيڊن کي رٽائرڊ آئوٽ ڪيون ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيون جيئن هو اڳتي اچي ايوانن ۾ اچن ۽ پنهنجي ملڪ توڙي عوام جي نمائندگي ڪن هي هاڻي ماضي جا قصا بڻجي چڪا آهن جيڪي گهمي ڦري ۽ هلي نه سگهن ٿا اهي هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي جيئڻ ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button