سنڌ

نصير آباد ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن جو احتجاجي ڌرڻو

نصيرآباد ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف انڊس ها وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي ويندڙ جيالن جا قافلا ۽ ڪراچي کان سکر تائين ويندڙ مسافر گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي آئي بي اي پاس اميدوار زوھيب سيال، حزب اللہ تنيو، امان اللہ پيرزادو، غلام حسين بروهي ۽ ٻين چيو ته بينظير ڀٽو جي ورسي ڏهاڙي اسان ها وي بند ڪري مسافرن کي تڪليف ۾ نه پئي وجهڻ چاهيو پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊي اي او تعليم قمبر شهدادڪوٽ نصيرآباد تعلقي سان مسلسل ناانصافي ڪئي آهي. 9 مهينن ۾ ڪل 84 آرڊر ڏنا ويا آهن، ٻين ۽ ٽين فيز جي ڪا خبر چار ئي ڪانهي. آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران لڳايل ڌرڻي ۾ شهري اتحاد اڳواڻ معشوق علي ڦلپوٽو چيو ته هڪ پاسي ٻوڏ متاثر آهيون ۽ ٻئي طرف پاس ٿيل اميدوارن کي 9 مهينن کان دربدر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن پئسن عيوض نوڪري وٺن ها ته کين گهر ويٺي آرڊر ڏنا وڃن ها. شهري اتحاد جي اڳواڻن نجي چنا، ابراهيم چانڊيو چيو ته نصيرآباد تعلقي ۾ ورڪنگ ايس اين اي موڪلي، خالي جڳهون ٻين تعلقن ڏانهن شفٽ ڪيون وڃن ٿيون. ڌرڻي ۽ ريلي ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن سان گڏ شهري اتحاد، پ پ شهيد ڀٽو، عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button