سنڌ

شهيد راڻي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ ۽ قوم کي استحڪام ڏنو:سسئي پليجو

پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ جيڪا ۽ جيتري جمهوريت آهي ان پٺيان شهيد راڻي جي قرباني ۽ جدوجهد آهي، اڄ اسين محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن ورسي موقعي تي لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ لڳايل ڪئمپن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جان جو نذرانو ڏئي ملڪ ۽ قوم کي استحڪام ڏنو، بينظير شهيد جمهوريت جي ان ٻوٽي کي واڌ ويجهه ڪئي، جنهن جي آبياري شهيد ڀٽو پنهنجي رت جو ريج ڏئي ڪئي، هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي مظلومن جو آواز بڻي ۽ پنهنجي جرئت ۽ همت ذريعي آمريت کي للڪاريو، شهيد راڻي خوبصورتي، ڏاهپ، جرئت جو حسين مثال هئي، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جيڪا جمهوريت آهي ان جي پٺيان ان جون لازوال قربانيون ۽ ڏاهپ ۽ جدوجهد شامل آهي، هو ڪڏهن به ڌمڪين کان نه ڊني پر آمريت کي للڪاري جرئتمند ۽ بهادري سان پاڪستان کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته بينظير ڀٽو ماڻهن جي حقن جي پاسداري ڪئي پرامن انصاف ڀريو ۽ دهشتگردي کان پاڪ معاشري جي حاصلات لا جنگ جوٽي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button