سنڌ

شهيد بيظير ڀٽو جي ورسي تي نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني، لنگر ورهايو ويو

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نئون ديرو هائوس ۾ صبح جي وقت قرآن خواني ڪرڻ بعد لنگر ورهايو ويو ۽ منجهند ٻه وڳي ڌاري پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان مشاعرو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ناليواري راڳي مظهر حسين، شاعر نياز پتافي سميت ٻين شاعرن وائي ٻڌائي پنهنجي شاعري جي ذريعي شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا، جتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي جلسي گاهه جو دورو ڪري لاڳاپيل پوليس آفيسرن کان سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ وٺندي کين ضروري هدايتون جاري ڪيون. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل ڪارڪنن جي مُک گيٽن وٽ بدن تلاشي وٺي انهن کي واڪ ٿرو گيٽن جي ذريعي گذاري جلسي گاهه اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. هوڏانهن ورسي جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان جيالا قافلن جي صورت ۾ سڄو ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچندا رهيا جن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي، جنهن دوران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جتي جيالا توڙي جياليون شهيد بينظير ڀٽو کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا ۽ ڪجهه ڪارڪنن جذباتي ٿي مزار جي احاطي ۾ جيئي ڀٽو، جيئي شهيد بينظير ڀٽو، جيئي بلاول ڀٽو، وزيراعظم بلاول ڀٽو سميت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين پارٽي اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي ڪندا رهيا. هوڏانهن جلسي دوران شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري وقت تي خاموشي اختيار ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بلند درجات لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button