سنڌ

آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو نئون ديرو هائوس اڳيان ڌرڻو

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ديدار حسين لغاري، شعيب ڀرڳڙي، نور حسين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئون ديرو هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اميدوارن مطالبو ڪيو ته ڀرتي لاءِ 40 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪري 33 کان 39 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار ڏنو وڃي. ڌرڻي دوران پي پي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، ڊائريڪٽر پرائمري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي اميدوارن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته توهان سڀئي پيپلزپارٽي جا ووٽر آهيو، توهان جو خيال رکي مسئلا حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته فريال ٽالپر هدايتون ڪيون آهن ته اميدوارن کان مسئلا معلوم ڪري انهن کي حل ڪيو وڃي، تنهن ڪري پيپلزپارٽي جي قيادت اميدوارن جي مسئلي جي حل لاءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري سان رابطو ڪري اميدوارن جا جائز مطالبا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن جائز ۽ حقي اميدوارن کي پنهنجو حق ملي سگهي. هوڏانهن اهڙي خاطري باوجود اميدوار ريلي جي صورت ۾ نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا جتي هنن شهيدن جي مزار تي پهتل وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن جو گهيراءُ ڪيو پر وڏو وزير ۽ ٻيا اميدوارن کين نظرانداز ڪري نئون ديرو هائوس روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button