سنڌ

جلسي ۾ آصفه ڀٽو، صنم ڀٽو، راجا پرويز اشرف ۽ ٻين جي شرڪت

جلسي ۾ آصفه ڀٽو زرداري سندس ماسي صنم ڀٽو، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ، ناليواري قانوندان ۽ سينيٽر رضا رباني، وفاقي وزير شيرين رحمٰن، ڪشمير جي معاملن بابت وزيراعظم جي معاون خصوصي قمرالزمان قائره، گلگت بلستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، پي پي پي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، ايم اين اي نويد قمر، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ايم پي اي سهراب سرڪي، رٽائرڊ جنرل عبدالقادر بلوچ، فيصل ڪريم ڪنڊي، افضل نديم چن، نيئر حسين، ظاهر شاهه، چوڌري رياض، چوڌري لطيف، ايم پي اي لال چند اڪراڻي، جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال سميت ٻين مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي عام کي گلگت بلستان جي صدر ايڊووڪيٽ امجد خان، پيپلز پارٽي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري روزي خان، پي پي پي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ۽ وڏي وزير جي جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي، پي پي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خورشيد احمد جوڻيجو، شگفته جماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button