سنڌ

شهيد بي بي صبر ۽ برداشت جي علامت هئي:آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام چيو آهي ته مان شهيد راڻي جي مشن ۾ ننڊ ۾ به غفلت نٿو ڪري سگهان، سياست ۾ شهيد بي بي منهنجي رهنمائي ڪئي هئي ۽ هاڻي شهيد بي بي جي فلاسافي منهنجي رهنمائي ڪندي آهي، آئين ۽ جمهوريت جي خاطر شهيد راڻي مشڪلاتن سان منهن ڏنو جيئن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به نه ڪيو، شهيد بي بي صبر ۽ برداشت جي علامت هئي هن انتهائي بهادري، صبر ۽ برداشت سان آمرن جي خوف جي بت کي پاش پاش ڪري ڇڏيو، شهيد بينظير ڀٽو وحشي ۽ صفاڪ آمرن جي بهادري سان مزاحمت ڪئي، اسان ۾ اهو خون ناهي جيڪو مشڪلاتن جي باهه جي تپش ۾ ميڻ بتي وانگر ڳري وڃي، اهڙي ڏاڍ جي حالتن مان گذري اسان ڪندن بڻجي ويندا آهيون ۽ اسان کي اهو شهيد بي بي سيکاريو آهي، جمهوريت جو تسلسل شهيد بينظير ڀٽو جو خوبصورت خواب هو، مان شهيد محترمه جي ان جي تڪميل ڪري ڇڏي آهي، انشاالله موجود اسيمبليون پنهنجي وقت پورو ڪنديون، ملڪ مضبوط ۽ پائيدار جمهوريت جي رستي تي هلي پوندو، ادارن جي طرفان کان سياست کان لاتعلقي ۽ صرف آئين تي عمل ڪرڻ جو اعلان به شهيد بيبي جي خواب جي تعمير آهي، ان سان جمهوريت کي استحڪام ملندو ۽ ملڪ جي شاندار ساک قائم ٿيندي، اسان پنهنجي ملڪ کي جنت بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون هر طرح جي شدت پسندي کان پاڪ معاشرو جتي علم جي روشني هجي، عوام لاءِ وڌ کان وڌ روزگار هجي، نوجوانن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملن، عورتون پريشانين ۽ خوف کان آزاد هجن، معاشري ۾ عورتن جو قابل احترام مقام هجي، شهيد محترمه جو پاڪستان، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي ان خواب جي تڪميل ڪنداسين ۽ ضرور ٿيندي. ٻئي طرف پي پي پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جاري ڪيل پيغام ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي سندس 15 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جو آئين، جمهوريت ۽ انساني آزادي بابت فلسفو ۽ جدوجهد مشعل راهه آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن مذهب، رنگ ۽ نسل سان گڏوگڏ هر قسم جي فرق جو خاتمو هو، هر پاڪستاني لاءِ برابري حق ۽ موقعا به شهيد بينظير ڀٽو جو مشن هو، پاڪستاني قوم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد بينظير ڀٽو پاڪستاني عورتن جي رول ماڊل آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۽ انهن کي هر سطح تي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حل لاءِ انقلابي قدم کنيا، اڄ هر شعبي ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ عورتن جي بهتر ڪارڪردگي ۽ پاليسي ساز ادارن ۾ نمائندگي شهيد بينظير ڀٽو جي کنيل قدمن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اڄ اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ ۽ نظريي جي پيروي ڪنداسين، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي جمهوريت کي مضبوط بڻائينداسين ۽ اسان عوام جي حقن جي حفاظت ۽ پاڪستان جي سربلندي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button