سنڌ

ٻلهڙيجي علم ۽ ادب جو محور آهي، ڏوڪري ويجهو ادبي ڪانفرنس

ڏوڪري ويجهو ٻلھڙيجي ۾ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ امبر پبليڪيشنز پاران منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهائيندڙ ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪري ايوارڊ ڏنا ويا. ان ڏس ۾ صحافي ۽ اديب هدايت منگي جي پي ۽ تعليمدان غلام رسول جي ڪردار تي روشني وڌي وئي، جنهن جا مهمان ڪامريڊ گلاب پيرزادو، حاڪم منگي، اقرار پيرزادو هئا. ٻيو سيشن شاعر مير محمد پيرزادي جي شخصيت بابت ٿيو، ان موقعي تي ليکڪ اديب ميرمحمد پيرزادو جي ڪتاب “مون پريان سين نينهن“ جي مهورت ڪئي وئي. ٽئين سيشن ۾ ليکڪ ۽ شاعر فيض پيرازدو جي ڪتاب رومانس ۽ انقلاب جي مهورت ڪئي وئي. ان موقعي تي فيض پيرزادي جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي. چوٿين سيشن ۾ ٻلهڙيجي جا انمول ڪردارن ۾ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو، محب پيرزادو، گلاب پيرزادو، ڪامريڊ ٺارو ماڇي، محمد رمضان ساريو جي خدمتن ۽ مثالي ڪردار تي روشني وجهڻ سان گڏ کين لائف اچيومنٽ ايوارڊ ڏنا ويا. جنهن جو ماڊريٽر مسرور پيرزادو هو. ڇهون سيشن سنڌ جي لازوال ڪردار جمن دربدر بابت ٿيو. مهمان تاج جويو، سائل پيرزادو، جانيئڙو سنڌي ۽ ماڊيٽر جهانگير ڏاهري هو. ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو تہ سنڌ جي علم ادب ۽ شعور جي آبياري ۾ ٻلهڙيجي جو اهم ڪردار رهيو آهي. هي ڳوٺ علم ادب سياست سماجي خدمت جو محور رهيو آهي جنهن جو مثال اديب دانشور انور پيرزادو مير محمد پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو فيض پيرزادو ۽ ٻيا آهن. ستين سيشن ۾ مشاعرو ٿيو جنهن جي صدارت ليکڪا روبينا ابڙو ڪئي. خاص مهمان ماڻڪ ملاح هو. هنن کان علاوه آزاد انور ڪانڌڙو، شاه، محمد پيرزادو، معشوق ڌاريجو، ڊاڪٽر واحد بخش سولنگي، زيد امر، مسرور پيرزادو، سُپت لطف پيرزادو، معصوم بخاري، عاقل ڪلهوڙو، فرحاد جيلاني، فلڪ ٻٽ، اسد ٻگهيو حاڪم منگي، زاهد منگي ۽ ٻين شاعري پڙهي. پروگرام جا آرگنائيزر اقرار سائل پيزادو، مسرور پيرزادو ۽ عاقل ڪلهوڙو هئا، تقريب ۾ صحافي ليکڪ زرار پيرزادو، عبدالحق پيرزادو، اسد ٻگهيو، ليکڪ سيد گدا حسين شا،ه، بشير احمد کوکر، رياض پيرزادو، پرويز پيرزادو، قاضي آفتاب احمد، جي ايم جهتيال، وحيد سولنگي، ڪامريد مجيب پيرزادو، فراز پيرزادو، خالد پيرزادو، علي مردان پيرزادو، عرس سيلرو، بشير احمد کوکر، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button