سنڌ

سنڌ ۾ڪا پارٽي ناهي جيڪا پ پ جو مقابلو ڪري سگهي:امتياز شيخ

شڪارپور شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ شڪارپور هائوس ۽ ڀيو هائوس کان وفاقي وزير نجڪاري مير عابد حسين خان ڀيو جن جي اڳواڻيءَ ۾ سوين گاڏين جو قافلو ريليءَ جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش روانو ٿيو. صوبائي وزير توانائي جي امتياز احمد شيخ چيو ته مان شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته هن وقت اندروني سنڌ ۾ اهڙي ڪا پارٽي ڪونهي جيڪا پيپلز پارٽيءَ سان مقابلو ڪري سگهي. ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي اميدوار به نه ملندا. باقي ڪراڃيءَ ۾ ٻين پارٽين سان مقابلو ڪنداسين ۽ اتي به سوڀ پيپلز پارٽيءَ کي حاصل ٿيندي. امتياز احمد شيخ چيو ته ڪراڃي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي اليڪشن جي دير ٿيڻ جو سبب تڪبندين ۽ پوليس فورس جي گهٽ هجڻ جو مسئلو هيو ۽ اڃان ڪجهه دير ٿيڻ جو اندازو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي پوري انتظاميا مشينري ۽ پيپلز پارٽي جي سياسي قيادت موجوده ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪاري کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرن کي ريهبليٽيٽ ڪرڻ ۾ مصروف رهي آهي. شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي صورتحال تي ايس ايس پي شڪارپور سان گڏجاڻي رکيل آهي ۽ اميد آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. عمران خان يوٽرن وٺڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو ماهر آهي ان جي مٿان توشاخانه وارو سڌو سنئون ڪيس بيٺو آهي، هو 4 سال حڪومت باوجود ڪنهن هڪ ماڻهو تي به ڪو ڪيس ثابت نه ڪري سگهيو. ھوڏانھن وفاقي وزير نجڪاري مير عابد ڀيو جي اڳواڻي ۾ ڀيا ھائوس کان ڳڙھي خدابخش قافلو روانو ٿيو. هن ڳالھائيندي ھن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قربانيءَ ڪري ملڪ ۾ جمهوريت بحال آهي. ۽ اسانجي قيادت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان جي ئي مشن کي اڳتي کڻي هلون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button